قومي ٻولين جي بحال نه ٿيڻ تائين انتهاپسند ۽ طالبان پيدا ٿيندا رهندا: سليمان شيخ

ڪراچي (ويچار ڊيسڪ) ڊاڪٽر منظور اعجاز سانا جي 25هين سالگرهه حوالي سان وڌيڪ تفصيل ڏيندي لکيو آهي ته سنڌي ڀاڳن وارا آهن جو انهن جي پرڏيهه ۾ ٿيل ڪانفرنس سڄي سنڌي ۾ ٿي نه ته پنجابي، پختون ۽ بلوچن جون ڪانفرنسون اردو ۽ انگريزي تائين محدود هونديون آهن. سنڌي واحد ٻولي آهي، سڄي ڪانفرنس پنهنجي مادري ٻولي ۾ ٿيڻ تي حيرت لڳي. هن چيو ته سنڌي سائنسي کوجنا جي ٻولي ٿي سگهي ٿي. هن لکيو آهي ته ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سگا جي چيئرمين ڊاڪٽر سليمان شيخ چيو ته پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ قومي ٻولين سميت مزاحمت کي به ڇڏيو ويو. حملي آورن ۽ ڦورن کي هيرو بڻائي اردو ۽ مذهب کي هٿي ڏني وئي. جيستائين قومي ٻوليون نه ٿيون ٿين طالبان ۽ انتهاپسند پيدا ٿيندا رهندا. ذوالفقار هاليپوٽي چيو ته پ پ سنڌين سان واعدا پورا ناهن ڪيا ۽ سنڌ دشمنن سان ڊيل ڪري حڪومت هلائي رهي آهي.

 

 

BACK TO CONVENTION PAGE