پ پ حڪومت ۾ به سنڌين سان زيادتيون جاري آهن: سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا
سينٽ لوئس (پ ر) سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا جي سينٽ لوئس ۾ ٿيل 25 هين سالياني ڪنوينشن ۾ قراردادون پاس ڪندي چيو آهي ته سنڌي ماڻهو پ پ جي حڪومت ۾ به عذابن ۾ آهن ۽ انهن کي پنهنجا حق نه ٿا ڏنا وڃن. عوام پ پ کي ووٽ ڏنو ته جيئن اها انهن جي دردن جو دردمان بڻجي پر پ پ ايم ڪيو ايم جي بليڪ ميلنگ ۾ اچي سڀ فنڊ وڏن شهرن کي فراهم ڪري رهي آهي. ٻهراڙين ۾ اهائي تباهي متل آهي. تعليم ۽ ٻيون بنيادي سهولتون ناهن. سانا مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ کي 1940ع جي قرارداد موجب حق ڏنا وڃن. سنڌي قومپرست ۽ پ پ سنڌين جي فلاح، ڀلائي ۽ حقن لاءِ ڊائلاگ شروع ڪن. سنڌ کي 1945ع جي ٺاهه موجب پاڻي ڏنو وڃي. سنڌي سميت سمورين ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ۽ صوبائي خودمختياري ڏني وڃي.ڌارين جي آبادڪاري بند ڪئي وڃي ۽ جيڪي به پناهه گير آيا آهن انهن کي پوليس موڪليو وڃي. سانا جي ڪنوينشن ۾ ايم اين اي گل محمد جکراڻي، اسپيڪر نثار کهڙو، مظهر الحق صديقي، ديال وي گدواڻي ۽ ٻين خطاب ڪيو. جڏهن ته وڏي انگ ۾ سنڌين شرڪت ڪئي.