ڊاڪٽر منظور اعجاز
ٻولي ڇڙو اکرن جو ڀنڊار ناهي هوندي، هو هڪ قوم جي هجڻ جو تت هوندي آهي. جيڪڏهن اسان ڪنهن قوم جي ٻولي کسي وٺون ته اسين هن قوم جي روح کي ڪڍي وٺندا آهيون. اسين هن قوم جي تاريخ ۽ هن جي لوڪ جي ريت کي دٻائي ڇڏيندا آهيون.
پنجابي، سنڌي، بلوچي ، پشتو ۽ پاڪستان جي ٻين قومن جي ٻولين جي کسجڻ جو ڇا مطلب آهي. هن ڳالهه جو جواب ڏيڻ لاءِ اسان کي ڏسڻو پوندو ته قومي ٻولي کي ڇڏي اسان ڇا وڃايو ۽ غير ٻولين کي اپنائي اسان کي ڇا مليو ۽ اسان کان ڇا کسجي ويو.
پنجاب، سنڌ ۽ هندوستان جي باقي علائقن ۾ اڳ ۾ راجا ۽ پنڊت پنهنجي حاڪم ڳنڍ جوڙ کي قائم رکڻ لاءِ سنسڪرت ٻولي جي استعمال کي پنهنجي تائين ئي رکندا هئا ۽ عام ماڻهن کي اها ٻولي پڙهڻ جي اجازت به ڪونه هئي. ظاهر ڳالهه آهي ته هتان جا ماڻهو ڪا ته ٻولي ڳالهائيندا هوندا. جيڪا ڪجهه سنسڪرت هوندي ته ڪجهه مقامي ماڻهن جي ٻولي. پر ماڻهن ۾ اها طاقت ڪونه هئي جو پنهنجي ٻولي کي لکڻ جهڙي ڪري سگھن ڇو جو راجا مها راجائن کي اها ڳالهه پسند ڪونه هئي.
پوءِ جڏهن مسلمانن جو وقت آيو ۽ پوءِ سنسڪرت جي جاءِ عربي ۽ فارسي ولاري وئي. نئين مسلمان شاهي ۽ مولوين جي ميل ميلاپ عربي فارسي کان اوهو ڪم وٺڻ شروع ڪري ڇڏيو جيڪو اڳ ۾ سنسڪرت مان ورتو ويندو هو. پر مسلمان صوفين ۽ ڀڳتن ماڻهن جي ٻولي ۾ ئي ماڻهن جي پيار جي وچار ڌارا سرجڻ شروع ڪئي. پنجابي ۽ سنڌي ٻولين جي بنياد ئي حاڪمن ۽ ملا شاهي جو توڙ ڪرڻو هو. انهي ڪري ٻولي ۽ ويچار ڌارا جي هڪ روح هئي. هي سيڪيولر خيالن جي پرچار هئي. مذهبن جا جھيڙا ختم ڪري ماڻهن کي هڪ ڪرڻ جو جتن هئي.
جڏهن اڳ ۾ انگريز ۽ پوءِ پاڪستان جي حاڪمن ماڻهن جي قومي ٻولين کي کسي انگريزي ۽ اردو مڙهي ڇڏي انهن پنجابي ۽ ٻين پاڪستاني قومن کان انهن جي ويچار ڌارا ڦري ورتي، انهن کان ملان شاهي سان وڙهڻ جو هٿيار ڦريو ويو. انهن جي جوڌا هيرو ماري ڇڏيا ۽ مسلم شاهي ۽ ملان جي هيرو ماڻهن تي مڙهي ڇڏيا. انهن ٻاهران آيل حملا آور ۽ ڌاڙيل کي اسان جا هيرو ڪري ڏيکاريا. احمد شاھ ابدالي ۽ نادر شاھ جهڙي ڦوروئن کي هيرو جي نموني پيش ڪري ڏيکاريا ۽ پيش ڪيو. حملا ڪرڻ ۽ ماڻهن کي فتح ڪرڻ جو ڪلچر وڌايو.
اهڙي قسم جي ماحول ۾ ملا شاهي ۽ طالبان پيدا ڪونه ٿيندا ته ٻيو ڪير پيدا ٿيندو؟ انهي ڪري قومي ٻولين کي مارڻ طالبان پيدا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو. پاڪستان جي نظام ۾ اوستائين اهڙي نموني جي انتهاپسندي پيدا ٿيندي رهندي، جيستائين ماڻهن جي قومي ٻولي جي ويچار ڌارا ماڻهن کي نٿي موٽائي وڃي.
اهي ڳالهيون سنڌي ايسوسي ايشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) جي سينٽ لوئيس جي 3 کان 5 جولائي 2009ع جي دوران ٿيڻ واري هڪ گڏجاڻي ۾ پيش ڪيون ويون.
http://www.wichaar.com/news/201/ARTICLE/15219/2009-07-08.html